اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ فلاحي منصوبن جي لاءِ حڪومت پاران يونيسيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس ذريعي جديد معلومات تائين پهچ ڏيڻ سان ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? ۾ يونيسيف جي نمائندي عبدال??ه فاضل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عبدال??ه فاضل نگران وزيراعظم کي پاڪ??تا?? جي ڪيترن ئي علائقن ۾ يونيسيف جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل 5 سالن ۾ يونيسيف تحت سڄي پاڪ??تا?? ۾ امداد، صاف پاڻي ۽ خوراڪ جي فراهمي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ اٽڪل هڪ ارب ڊالر جا منصوبا ٺاهيا ويا آهن. نگران وزيراعظم عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي ڪامياب منصوبا ٺاهڻ تي يونيسيف پاڪ??تا?? کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪ??تا?? ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ يونيسيف جي ڪردار کي خصوصي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چي?? ته پاڪ??تا?? حڪومت ۽ يونسيف جهڙن ادارن جي گڏيل تعاون سان ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي بابت عوامي روين ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. نگران وزيراعظم تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ڀلائي منصوبا ٺاهڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? حڪومت جو يونسيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چي?? ته ڀارت پاران شديد تنقيد جي باوجود يونيسيف جو آزاد ڪشمير ۾ تعليم جي شعبي لاءِ قدم کڻڻ ساراهه جوڳو آهي. نگران وزيراعظم ع??دال??ه فاضل کي پاڪ??تا?? ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعليم لاءِ نئين ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن يونيسيف پاران ملڪ ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي قدمن جي حمايت به ڪئي. هن چي?? ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس جي مدد سان جديد ترين معلومات تائين پهچ ڏياري ملڪ ۾ ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. يونيسيف پاران نوجوانن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي منصوبن لاءِ پاڪ??تا?? حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.