اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) نگران پر??يهي وزير جليل عباس جيلاني پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي افغانستان معاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي سان ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پر??يهي وزير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ان ک??ن اڳ هن افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي آصف دراني سان افغانستان جي صورتحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.