اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قانون جي ??اسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آ??ي ۽ سمورن ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي ??فاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي ??اڳاپن کي بحال ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻن، جيئن 16 جنوري کان اڳ هئا، پاڪستان ايران پاران سمورن مثبت قدمن جي آجيان ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن و??اق?? ڪابينا جي اجل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت نگران و??اق?? ڪابينا کي 16 جنوري 2024ع تي پاڪستان تي ايراني حملي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. و??اق?? ڪابينا جي اجلاس ۾ حملي جي تفصيلن سان گڏوگڏ پاڪستان جي ردعمل جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ فوج جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو جنهن پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي جو جواب ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ پوري حڪومتي مشينري متحد ٿي ڪم ڪيو. و??اق?? ڪابينا کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان قانون جي ??اسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آ??ي ۽ هو سمورن ملڪن خاص طور تي پنهنجي ??اڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ٻه ڀائر ملڪ آهن ۽ انهن جي ??چ ۾ تاريخي طور تي ڀائراڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن جن ۾ احترام ۽ محبت آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي ??فاد ۾ آهي ته اهي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻن جيئن 16 جنوري 2024ع کان اڳ هئا. نگران وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ايران پاران سمورن مثبت قدمن جي آجيان ڪندو.