اسلام آباد – 29 – جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??مل?? وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ جي وڏي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پيمرا چيئرمين جي آف??س ويو ۽ پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين جي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آ??ي، جنهن کي وڏي عرصي تائين ڀري نه ٿو سگهجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ ??هيان. اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ظفر بيگ کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.