لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي ??ربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران ??ڪو??ت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ ??ڪو??ت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (ني?? ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي بجاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نگران ??ڪو??ت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ ??ڪو??ت لاءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ ??ڪو??ت ان روڊ ميپ تي عمل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي ني?? ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.