اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪم??ٽي جو اجلاس (اڄ) اڱاري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو جڏهن ته زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا. مذهبي م??املن واري وزارت جي ترجمان مطابق مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪم??ٽي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندو، ??جلاس ۾ ڪم??ٽي جي ميمبرن سميت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت ۽ اسپارڪو جو مددگار عملو ۽ آفيسر پڻ شرڪت ڪندا. چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪم??ٽي جو چيئرمين سڄي ملڪ مان مليل شهادتن کي نظر ۾ رکندي حتمي اعلان ڪندو.