اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪشمير جي ??عاملي تي تحريڪ انتشار ۽ ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا هڪ هئي، تحريڪ انتشار پڻ ڪشمير جي ??عاملي تي انتشار ڦهلائڻ جو سوچي رهي هئي، وزيراعظم جي ??قت سر نوٽيس هڪ سانحي کان بچائي ورتو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير طرف ڪنهن کي ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين. ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي ??عاملي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??قت سر نوٽيس ۽ ڪشمير معاملن واري وزير جي ڪوششن اسان کي سانحي کان بچائي ورتو ۽ دشمن جي سازش ناڪام ٿي، دشمن کي ذلت کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته تحريڪ انتشار جي اها سوچ هئي ته ڪنهن حوالي سان انتشار پکيڙي ۽ افراتفري جو عالم هجي، اهي ان افسوسناڪ صورتحال مان فائدو کڻي رهيا هئا. هن چيو ته وزيراعظم سمورين اتحادي پارٽين ۽ ڌرين کي گهرائي انهن جي راءِ کي ٻڌو، ڪالهه جي اجلاس ۾ آزاد ??شمير جي ??زيراعظم سميت سموري سياسي قيادت موجود هئي، گڏيل افهام تفهيم سان معاملن کي حل ڪيو ويو، اجلاس جي اندر ئي فيصلو ڪيو ويو ته23 ارب رپين جي رقم وفاقي حڪومت فوري طور تي آزاد ??شمير حڪومت کي ف??اهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ڪاميابي آهي ته اهو معاملو بنا ڪنهن وڏي نقصان جي حل ٿي ويو، هڙتال ختم ٿي وئي ۽ مظاهرين پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا. هن چيو ته هي اهي حقيقتون آهن جيڪي لڪائي نٿيون سگهجن، وقت سر فيصلاسازي سان ئي بحرانن جو خاتمو ڪري سگهجي ??و. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومتن جو ڪم وقت سر نوٽيس وٺي مسئلن کي حل ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته ماضي کي نه وسارڻ گهرجي، ماضي ۾ هزاره ڪميونٽي جا لاش ڪيترائي ڏينهن پيل رهيا ۽ ان وقت جو وزيراعظم پنهنجي ضد تي قائم هو، نااهل حڪومت ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت ۾ اهو ئي ف??ق هوندو آهي ته معاملا ڏينهن ۾ نه ڪلاڪن ۾ حل ٿين ٿا. وفاقي وزير چيو ته مبصر به چئي رهيا آهن ته ملڪ دشمن قوتن ۽ تحريڪ انتشار جي ڪشمير جي ??وضوع تي هڪ ئي ايجنڊا هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، شماريات واري اداري جي انگن اکرن موجب گذريل سال مهانگائي 36 سيڪڙو هئي، هن سال 17 سيڪڙو آهي، گذريل مهيني ان جو ڀيٽ ڪريون ته گذريل مهيني 20 سيڪڙو مهانگائي هئي جيڪا ه??ندڙ مهيني 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پڻ تيزي جو رجحان آهي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري به اچي رهي آهي، سعودي عرب جا وفد اچي رهيا آهن ۽ عالمي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٿي رهي آهي، اسان ترقي جي راهه تي گامزن آهيون، عالمي سطح تي اسان جي ساک بحال ٿي رهي آهي، اهي ڳالهيون ملڪ دشمن قوتن ۽ اسان جي سياسي مخالفن کي هضم نه ٿي رهيون آهن. هن چيو ته اسان دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو آهي، اسان جي ??دمن سان ملڪ دشمن ايجنڊا کڻي هلندڙ سياسي مخالفن کي مايوسي ٿي آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي سالميت ۽ ملڪ جي ترقي جي ??اءِ هر قدم کڻنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وقت سر ۽ صحيح فيصلن سان اسان انهن معاملن کي حل ڪيو، حڪومتن جو اهو ئي ڪم هوندو آهي، اهو ڪم نه ٿئي ها جيڪو ماضي جو حڪمران هتي ڪندور هيو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ اڄ به جيل مان متضاد بيان ڏي ٿو، کيس 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن، توشه خانه ۽ سائفر جو جواب ڏيڻ گهرجي، هو ڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ڪڏهن آرمي چيف کي خط لکڻ جو چوي ٿو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ هڪ قيدي ۽ سزا يافته ڏوهاري آهي، مٿس ڪيسز هلي رهيا آهن. سندس قول ۽ فعل ۾ سدائين تضاد رهيو آهي، هن سدائين ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس هر سازش ناڪام ٿي ۽ ٿيندي رهندي، عالمي مالياتي فنڊ يا آرمي چيف کي لکيل سندس خط جي ڪا اهميت نه آهي. ڪشمير جي صورتحال بابت هن چيو ته ڪشمير ۾ امن واپس اچي آيو آهي، معاملا سلجهي ويا آهن. ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي، اسان ڪنهن دشمن کي ان طرف ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي سمو??ن لاڳاپيل فورمز تي اٿاريو پيو وڃي، سعودي ولي عهد سان ملاقات هجي ??ا ايران جي صدر جي ??اڪستان جي دوري تي جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامو هجي، هر جڳهه تي هر فورم تي ڪشمير جي ڳالهه ڪئي وئي، اسان هر سطح تي ان معاملي کي اٿاريندا رهنداسين. هن چيو ته ڪشمير ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي خاندان جي ??ڪمل ڪفاليت ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي مخالف ٻه طرح جا آهن، هڪ 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث آهن جيڪي 9 مئي جي ??اقعن تي معذرت ڪن، عليمه خان، نورين خان ۽ عظميٰ خان ڪور ڪمانڊر هائوس جي ??اهر موجود هيون، اهي تسليم ڪن ته اها خاندان جي ??نصوبابندي هئي، باني پي ٽي آءِ جو ڀاڻيجو به اتي موجود هو. هنن ملڪي سالميت تي حملا ڪرايا، ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا کي اڳتي کڻي هليا، ڪشمير تي به اهو ئي ڪم ڪيو آهي، هي قوم کان معافي وٺن، جيستائين هي قوم کان معافي نه ٿا وٺن، جوابدارن کي سزا نه ٿي ملي وڃي، ان وقت تائين ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، آزاد ??شمير جي خصوصي حيثيت آهي ان کي وفاقي حڪومت پاران گرانٽ ملي ٿي جنهن سان ان جا معاملا ه??ن ٿا.