اسلام آباد-10 جون(اي پي پي) قومي اقتصادي سروي جاري مالي سال 24-2023ع (اڄ) اڱاري تي جاري ڪيو ويندو. ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ??اڪ سيڪريٽريٽ جي پي پبلڪ آڊيٽوريم ۾ اقتصادي سروي جاري ڪرڻ واري تقريب جي صدارت ڪندو. ان موقعي تي رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، حڪومت جي اقتصادي ٽيم جا ميمبر، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ايف بي آر جي چيئرمين سميت ٻين لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز به موجود هوندا. قومي اقتصادي سروي ۾ جاري مالي سال دوران اهم سماجي ۽ اقتصادي هدف ۽ مختلف شعبن ۾ اڳ??را??ي جا تفصيل شامل هوندا. اقتصادي سروي ۾ زراعت، مينيوفيڪچرنگ، صنعت، خدمتن، توانائي، آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪيپيٽل مارڪيٽس، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ـ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ اڳ??را??ي ۽ اقتصادي رجحانن جو احاطو ڪيو ويندو. ان کان علاوه اقتصادي سروي ۾ ناڻي اؤسر، واپار، قرضن جي ادائگي، آبادي، روزگار، ماحولياتي تبديلين ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ حڪومتي قدمن ۽ رجحانن جا تفصيل به شامل هوندا. واضح رهي ته اندروني ۽ـ پرڏيهي چئلينجز باوجود معيشت ۾ استحڪام ۽ جٽادار اؤسر ??اء?? حڪومت طرفان ترتيب ڏنل پاليسين ۽ حڪمت عمليءَ سان اقتصادي اؤسر ۽ سپ??اء?? چين ۾ بهتري اچي رهي آهي، مثبت پرائمري بيلنس مان حڪومت طرفان اقتصادي استحڪام ??اء?? کنيل قدمن مان فائدي جي عڪاسي ٿي رهي آهي، زراعت جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ سان مجموعي قومي معيشت ۽ جي ڊي پي تي سٺا اثر پئجي رهيا آهن. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ بهتري اچي رهي آهي، حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس محصولن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. صنعتي سرگرمين ۽ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل تيزي اچي رهي آهي، ايندڙ مهينن ۾ اقتصادي استحڪام ??اء?? قدم وڌيڪ سگهه ماڻيندا. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي مان ڏيهه آيل ناڻي ۾ سالياني بنيادن تي 3.5 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. ملڪي روانگي واپار ۾ ان مُدي دوران 10.6 سيڪڙو جو اضافو ٿي??، ان جي ابتڙ آمدني واپار ۾ سالياني بنيادن تي 5.3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارن ۾ سالياني بنيادن تي 94.8 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتي جو خسارو 0.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 3.9 ملين ڊالر هو. مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ 8.1 سيڪڙو جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي جي ذخيرن ۾ به جاري مالي سال دوران واڌ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور 5.056 ارب ڊالرن جي نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. 30 جون 23ع تي پرڏيهي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.160 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.445 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 4.715 ارب ڊالر هو. 31 مئي 24ع تي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو مجموعي ڳاڻيٽو 14.216 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.110 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 5.106 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو تقريبن 2 مهينن جي آمدني واپار ??اء?? ڪافي آهي. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو مجموعي طور 4.664 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ 391 ملين ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ايف بي آرجي مجموعي محصولن ۾ سالياني بنيادن تي 31 سيڪڙو واڌ ٿي، مئي 24ع ۾ ايف بي آڙ کي 760 ارب رپيا جا محصول موصول ٿيا، جڏهن ته مقرر ڪيل هدف 745 ارب رپيا هئا، مئي ۾ اندروني ٽيڪس 43 سيڪڙو جو متاثر ڪندڙ اضافو ٿي??، نان ٽيڪس روينيو ۾ 94.8 سيڪڙو جو اضافو ٿي??. پرائمري بيلنس 1615.4 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 503.8 ارب رپيا هو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ زرعي شعبي کي 1.635 ٽريلين رپين جا قرض جا ڪيا ويا، زر وسيع ايم ٽو ۾ 3 مئي تائين 7.1 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جو??اء?? کان اپريل تائين جي مُدي ۾ صارفين ??اء?? قيمتن جي اهڃاڻن ۾ 26 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 28.2 سيڪڙو هو. اپريل ۾ صارفين ??اء?? قيمتن جواهڃاڻ 17.3 سيڪڙو رهيو، جيڪو گذريل سال اپريل ۾ 36.4 سيڪڙو هو. مالي سال جي پهرين 9 مهين ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ 73.1 سيڪڙو کان وڌيڪ جي شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. 24 مئي 24ع تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو 36.84 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو 3 جو??اء?? 23ع تي 23.39 ارب ڊالر هو. مانيٽرنگ پاليسي ۽ مالي استحڪام ??اء?? ترتيب ڏنل پاليسين سبب معيشت جٽادار راهه تي گامزن آهي. خريف جي فصلن مان زرعي سرگرمين ۽ پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ٿي??دو، جنهن سان مجموعي اقتصادي اؤسر تي هاڪاري اثر پوندا.