اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿر ڪول جي ملڪ جي ٻين علائقن تائين فراهمي جي لاءِ ريلوي لائين جي حوا??ي سان سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان کي توانائي جي متبادل ذريعن خاص ط??ر تي شمسي توانائي جي واڌويجهه تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ بائيڪس، گاڏين ۽ بجلي تي هلندڙ گهريلو مصنوعات جي حوا??ي سان پاليسي تي ڪم جاري آهي، مقامي سطح تي تيل ۽ گ??س جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم ڊويزن جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان کي متبادل توانائي جي ذريعن خاص ط??ر تي شمسي توانائي جي واڌويجهه تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٿر ڪول پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن جي حوا??ي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن ٿر ڪول جي گيسي فڪيشن جي حوا??ي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته ٿر ڪول جي ملڪ جي ٻين علائقن تائين فراهمي جي لاءِ ريلوي لائين جي حوا??ي سان سمورا ضروير قدم کنيا وڃن. اجلاس کي پيٽروليم ۽ گ??س جي شعبن جي حوا??ي سان اڳڀرائي ?? تج??يزن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪاربن فٽ پرنٽ ڪافي گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي مضر اثرن سان پنجون سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. متبادل توانائي تي ٻڌل مصنوعات جي فروغ جي ذريعي ماحولياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٽائيٽ گئس جي پيداوار ۾ اضافي جي حوا??ي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته تيل ۽ گ??س پائيپ لائينز مان چوري جي خاتمي جي لاءِ سمارٽ ميٽرز هنيا ويندا. اجلاس کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ بائيڪس، گاڏين ۽ بجلي تي هلندڙ گهريلو مصنوعات جي حوا??ي سان پاليسي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي حوا??ي سان تج??يزن تي ڪم ڪيو ويندو. پيٽرول ۽ گ??س جي ڳولا جي عمل کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪيو ويندو. پيٽروليم ۽ گ??س جي شعبي ۾ چٽاڀيٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. مقامي سطح تي تيل ۽ گ??س جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. بائيو فيولز جي فروغ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.