اسلام آباد – 25 جو??اء?? (اي پي پي) دنيا ۾ عسڪري معاملن تي نظر رکندڙ اداري اسٽاڪ هوم انٽرنيشن?? پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (سپري) تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا ۾ دف??ع تي سڀني کان وڌيڪ خرچ ڪندڙ ملڪن ۾ ڀارت چوٿين نمبر تي آهي، گذريل پنجن سالن دوران هو دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ عسڪري سامان خريد ڪندڙ ملڪ رهيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي ڀارتي حڪومت گذريل ڏينهن جيڪا سالياني بجيٽ پيش ڪئي ان مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت جو دف??ع جي شعبي تي ڌيان ۾ اضافو ٿيو آهي. 25-2024ع ??اء?? ڀارتي پارليامينٽ ۾ 48 لک ڪروڙ روپين جي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آ??ي ان ۾ سڀني کان وڌيڪ اٽڪل 6 لک 22 هزار ڪروڙ روپيا دف??ع جي شعبي ??اء?? رکيا ويا آهن جيڪا مجموعي بجيٽ جو اٽڪل 13 سيڪڙو بڻجي ٿي. مبصرن بي بي سي اردو سروس سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال وانگر ايندڙ سال جي ڀارتي دف??عي بجيٽ پڻ چين ۽ پاڪستان کي نظر ۾ رکندي رکي وئي. ڀارتي حڪومت جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال ??اء?? رکيل اضافي فنڊز جو مقصد هٿياربند فوج کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، هٿيارن، جنگي جهازن، آبدوزن، پليٽ فارمز، بغير پائلٽ جي فضائي گاڏين، ڊرونز ۽ خاص مهارت واريون گاڏيون وغيره حاصل ۽ تيار ڪرڻ آهي.