اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سمورين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئي آه?? ته 5 آگسٽ تي ??وم استحصال ڪشمير جي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي ??ير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ??صوصي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال مڪمل ٿي ويندا ان ڏينهن هر سال وانگر هن سال به ??وم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄ?? دنيا سميت پاڪستان ۾ ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي ??پيل آه?? ته جيئن اهو پيغام وڃ?? ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي ويندي.