اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ت?? ظلم جو مظاهرو ڪندڙ ڪنهن به رع??يت جا مستحق نه آهن، گذريل ڏينهن گهرو وزارت جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فائرنگ ۾ ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو ??ظه??ر ڪندي متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته گهرو وزير زخمين جي جلد صحت يابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن وڌ??ڪ چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ انسان نه آهن، انهن سان ڪنهن به قسم جي رع??يت نه ڪئي ويندي.