ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت عوامي نمائندن معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت سمورن عوامي نمائندن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خ??ن، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شر??ت ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران سردار يعقوب خان ناصر ۽ سردار عبدالرحمان کيتر??ن، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ظهور احمد بليدي ۽ مينا بلوچ، نيشنل پارٽي پاران ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، رحمت صالح بلوچ ۽ مير ڪبير محمد، بلوچستان عوامي پارٽي پاران خالد حسين مگسي ۽ صادق سنجراڻي، عوامي نيشنل پارٽي پاران زمرڪ خان اچڪزئي ۽ مسٽر اصغر، جمعيت علماءِ اسلام پاران مولانا عبدالواسيع ۽ يونس زهري ??جلاس ۾ شر??ت ڪئي. سياسي پارٽين جي سربراهن بلوچستان جي عوامي مسئلن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري ??پريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شر??ت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. اجلاس ۾ معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويو.