لاهور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن حضرت داتا گنج بخش جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ??اد?? چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اوقاف کاتي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر طاهر رضا بخاري، نائ?? وزيراعظم کي داتا دربار ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. محمد اسحاق ڊار تعميراتي ڪمن جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ڊولپمينٽ اسڪيم کي مقرره وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان پهرين سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڀاءُ خضر ??يا?? ڊار (مرحوم) جي ايصال ثواب لاءِ جامع مسجد داتا درٻار ۾ قرآن خواني جو پڻ بندوبست ڪيو ويو.