اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ اي?? ايف بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 37 مهينن جي مُدي تي ٻَڌل 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت ??رو??رام جي منظوري ڏني ويندي، پاڪستان ڍانچي جاتي سڌارن لاءِ پُرعزم آهي، ملڪ جي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف وڃي رهي آهي. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ علائقائي ترقيءَ لاءِ نجي شعبي جي اعليٰ سطحي ڊائلاگ جي سي پيڪ 2 ۽ خطي جي موضوع تي منعقد بحث کي خطاب ڪندي ڪيو. تقر??ب جو انتظام پاڪستان ريجنل اڪنامڪ فورم ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 9 مهينن جي اسٽينڊ باءِ معاهدي کي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو. (اڄ) اربع ڏينهن آمريڪا ۾ آءِ اي?? ايف جي بورڊ جو اجلاس آهي ۽ اسان کي پوري اميد آهي ته بورڊ 37 مهينن جي 7 ارب ڊالر جي ??رو??رام جي منظوري ڏيندو. هن چيو ته ??رو??رام تحت پاڪستان ڍانچي جاتي سڌارن لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان کي خاص ڪري ٽيڪس، توانائي، رياستي ملڪيتي ادارن ۽ نجڪاريءَ جي حوالي سان سڌارن جي ايجنڊا تي قائم رهڻ جي ضرورت آهي. حڪومت سڌارن جو عمل به جاري رکندي. هن آءِ اي?? ايف ??رو??رام جي حوالي سان حمايت تي چين جو ٿورو مڃيندي چيو ته چين پاڪستان جو اهم ۽ اعتماد وارو شراڪتدار ملڪ آهي. هن چيو ته موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال گذريل مالي سال کان بهتر ٿي رهي آهي، مختلف اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي، ملڪ ۾ ڪرنسي مستحڪم آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ٻن مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهن، مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاليسي ريٽ گهٽ ٿيو آهي. هن چيو ته تازو ئي حڪومت ٽريزري بلز ۽ پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز جي ٻولين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان فيصلي جو مقصد اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته حڪومت هاڻي ملڪ اندر ??رض وٺڻ لاءِ بيقرار ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته حڪومت پنهنجي شرطن تي ملڪ اندر ??رض وٺندي جنهن جو مقصد بئنڪنگ سيڪٽر کي نجي شعبي کي ??رض ڏيڻ طرف راغب ڪرڻ آهي. هن چيو ته ??رض ۽ ايڪيوئٽي جي لحاظ سان سيڙپڪاريءَ ۾ اضافي جي آجيان ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ايندي. هن چي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، پهرئين مرحلي ۾ راهدارين، روڊن، بندرگاهن ۽ توانائيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ تي توجهه ڏني وئي هئي، جڏهن ته هاڻي ايندڙ قدم ان انفراسٽرڪچر کي منافعي بخش بڻائڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۽ احسن اقبال جي اڳواڻيءَ ۾ اسان پنهنجي ڪوششن تي ٻيهر ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن سعودي عرب، پاڪستان ۽ چين جي ترقياتي مالياتي ادارن کي مطالبو ڪيو ته هو پاڪستان ۽ ان جي برادر ملڪن وچ ۾ سرحد پار سيڙپڪاري ۽ راهداريءَ جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.