اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عبدالمجيد تبون کي الجزائر جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايڪس ”اڳوڻي ٽوئيٽر“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ??و عبدالمجيد تبون سان پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار سميت هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ب??ائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.