اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمبر، سنڌ جو صوبائي وز??ر شرجيل انعام ميمڻ شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ اهم قومي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ گذريل ڏي??هن آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري جي ڪر??ار کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ فلسطينين جي پاڪستان پاران ??مد??د جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فلسطينين جي ??مد??د جي لاءِ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي شموليت کي ساراهيندي ان کي خوش آئنده قرار ڏنو ويو، پوري پاڪستاني قوم اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ متحد آهي.