اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي)صنعت ۽ واپار واري وفاقي ايوان جي صدر عاطف اڪرام شيخ چيو آهي، ته شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس پاڪس??ان ل??ءِ حقيقي گيم چينجر ۽ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس معاشي بحالي، علائقائي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جو اهم موقعو آهي. هن گذريل ڏينهن ايس سي او اجلاس جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سموري پاڪستاني قوم چين جي وزيراعظم سميت ايس سي او ڪانفرنس ل??ءِ آيل مهمانن جي آجيان ڪري ٿي. هن چيو ته چين جي ترقي دنيا ل??ءِ مثال آهي، چين جي سهڪار سان پاڪس??ان ۾ جلد معاشي استحڪام ايندو. هن چيو ته چين ۽ روس سميت ٻين ملڪن جي سربراهن جو پاڪس??ان اچڻ عالمي دنيا جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو.