اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته سعودي قيادت سان ملاقاتن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ م??بوط ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي حصيداري جي ذريعي پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪندس. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سعود?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايتو ڪانفرنس ?? شرڪت جي لاءِ خوبصورت شهر رياض پهتو آهيان، سڀني جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ سياسي، ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ادارن جي اڳواڻن جي ان متاثر ڪندڙ ميڙ ?? شرڪت جو منتظر آهيان. هن چيو ته سعودي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ م??بوط ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي حصيداري جي ذريعي پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪندس.