اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب ميج?? جنرل محمد عاطف بن اڪرم پمز جو دورو ڪيو، جتي هن شرپسندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل رينجرز، ايف سي ۽ پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب هر هڪ ز??مي آفيسر ۽ جوانن وٽ ويا ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي. گهرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب زخمي آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي کي ساراهيو. گهرو وزير زخمي جوانن جي به??رين علاج لاءِ ڊاڪٽرز کي هدايتون ڏ??يو??. گهرو وزير چيو ته اوهان قوم جا هيرو آهيو، اوهان شرپسندن جي ارادن کي ناڪام بڻايو، اسان کي اوهان جي به??دري تي فخر آهي، ڏڦيڙ باوجود اوهان صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو.