اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جو عمل خميس کان شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن وا??ي وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب مذهبي معاملن وا??ي وزارت جي عملدارن حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته هو حج رهتن جي ٻي قسط نامزد بئنڪن ۾ 19 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرائين. حج رهتن جي ٻي قسط 4 لک روپيا آهي جڏهن ته اختياري سهولتن جا اضافي خرچ به ٻي قسط سان گڏ جمع ڪرائڻا پوندا. ان مرحلي تي بئنڪ کان پيڪيج تبديل ڪرائي س??هجي ٿو. 4 کان 6 م??ڻه?? فيملي روم، شي??رن?? روم يا سنگل م??ڻه?? لاءِ اختياري ڊبل بيڊ (في حاجي) 2 لک 59 هزار روپيا، اختياري ٽرپل بيڊ في حاجي 86 هزار 500 ۽ قرباني جا 55 هزار 500 روپيا جمع ڪرائڻا پوندا. ترجمان چيو ته ??امياب حج پانڌيئڙا رهتن جي ٻي قسط 27 ڊسمبر تائين لازمي جمع ڪرائين.