لاهور-04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ايس ايم ايز جي ترقي جي حوالي سان وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي ڪم ڪن. اهڙو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي ڏيڻ ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مو??ب هن چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجا جا ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکن ٿا، پاڪستاني صنعتن کي گلوبل سپلائي چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور ق??م کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ سميڊا جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي سميڊا جو بورڊ جوڙ??و ويو آهي ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪيو پ??و وڃي، وزيراعظم جي هدايت مو??ب ملڪ ۾ ايس ايم ايز سيڪٽر جي ترقي لاءِ عالمي معيار جي ماهرن جو خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايس ايم ايز سيڪٽر جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين ??ي شامل ڪ??و ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بئنڪن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ايس ايم ايز کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بئنڪ فارمز کي آسان بڻا??و وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت ايس ايم ايز سيڪٽر جي ترقي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻايا آهن. ايس ايم ايز سيڪٽر جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن ان حوالي سان لائحه عمل تيار ڪري ورتو آهي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جون حڪومتون جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ مو??ود ايس ايم ايز جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسر مو??ود هئا.