ملتان- 07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان جي علائقي ??وضع بنڊه سنديله ۾ ملڪ حاجي منور حيات سنديله جي ٽِيجهي ۾ شرڪت ڪئي. ايم اين اي سيد علي قاسم گيلاني ۽ ايم پي اي سيد علي حيدر گيلاني به ساڻس گڏ هئا. سيد يوسف رضا گيلاني مرحوم جي سياسي خدمتن جي تعريف ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي ۽ سندس درجن جي بلنديءَ ??اء?? دُعا ڪئي. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين، مرحوم جي فرزند ملڪ زبير منور سنديله جي دستاربندي به ڪئي. اڳوڻي وفاقي ??زير سيد حامد سعيد ڪاشمي مرحوم جي ايثال ثواب ??اء?? اجتماعي دُعا ڪرائي. ان موقعي تي مرحوم جي مٽن م??ئٽن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.