اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو متعارف ڪراي?? مقامي حڪومتن جو نئون نظام عوام کي بااختيار بڻائڻ ۾ انقلاب آڻيندو، ان سان تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جو ح?? مقامي طور تي ممڪن بڻائي سگهبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ نئين مقامي حڪومت جي تجويز ڪيل نظام تي بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.