اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس ايپ جو افتتاح ڪر?? ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب دوران ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس ايپ جو افتتاح ڪيو، ان ايپ جي ذريعي ملڪ جي مختلف 19 شهرن جي صفائي سٿرا??ي ۽ ٻين بنيادن تي درجابندي ڪئي ويندي.