پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڌارن واري نظام ۾ رڪ??وٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري ??هندو، 2019ع مشڪل سال هو، ايندڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ ??ان بهتر هوندو، سرڪاري ??سپتالن ۾ پرڏيهي ملڪن جي طرز تي جديد نظام م??عا??ف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيمارين جي ماهرن جي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي ايسوسيئيشن جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.