اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي فوجي سربراهن جي ملازمت جي مدي جي حوالي سان ٽنهي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب چيف آف آرمي اسٽاف، چيئرم??ن جوائنٽ چيفس ??ف اسٽاف ڪميٽي، پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه جي مقررين يا انهن جي عهدي جي مدي ۾ توسيع کي به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو ۽ بل تحت بري، بحري ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن ۽ چيئرم??ن جوائنٽ چيفس ??ف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرم??ن جي ملازمت جي مدي ۾ وزيراعظم جي مشوري تي صدر ٽن سالن جي لاءِ ٻيهر مقرري ڪري سگهندو.