اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سينٽر قائم ڪرڻ جا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي مو??عي تي اي?? سي او سي جو دورو ڪيو. وفاقي وزير، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان مو??عي تي موجود هئا. صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. پي اي?? آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم کي ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال ۽ ان جي ڦهلاءُ بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تحت صحت ۽ معاش جي وچ ۾ توازن، ملڪي معيشت کي جاري رکڻ ۽ ڪورونا جي وبا جي روڪٿام جي ڪوششن ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي جي مسئلن جي حل جهڙن قدمن جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو. ان مو??عي تي ٻڌايو ويو ته آءِ اي?? اي?? جي عالمي اقتصادي جائزي موجب 30 ملڪن جي گروپ مان پاڪستان امڪاني ڊائون ٽرن کي منفي 0.4 مان 1.1 تي واپس آندو آهي. پاڪستان جو روانگي واپار جولاءِ 2019ع کان مئي 2020ع دوران خطي جي ٻين ملڪن کان تمام بهتر رهيو. ان مو??عي تي وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي وبا جي خلاف موثر ردعمل ۽ سڄي ملڪ ۾ ٺ??س قدم يقيني بڻائڻ جي لاءِ اي?? سي او سي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اي?? سي او سي ڪوورنا جي خلاف صورتحال جي روزاني جي بنياد تي مانيٽرنگ، صحت جي نظام جي صلاحي?? وڌائڻ، اعتبار جوڳي ڊيٽا بيس جي تياري ۽ مناسب ايس او پيز جي جوڙجڪ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ڪورونا جي صورتحال ۾ ايس او پيز جي پيروي ڪرڻ ۽ وبا جو چئلينج طور گڏجي مقابلو ڪرڻ تي پوري قوم کي ساراهيو.