اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن ??رڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ??ي صورتحال ۽ ان ۾ ??ڌي?? اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين مل?? پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ واضح ا??افي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي هر ممڪن س??ول??ون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.