پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته صوبن طرفان اي?? اي?? سي اي??ارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ مختص ??رڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي سان ان واعدي تان ڦري ويا آهن جيڪا قبائلي ضلعن سان ز??ادتي آهي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ضلعي جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزي??اع??م چيو ته اسان جي حڪومت جو نظريو مديني جي رياس?? آهي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزورن جي بهتري مديني جي رياست جي طرز جي رياست جي اولين ذميداري هوندي آهي تنهن ڪري ان ذميداري جي تڪميل لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسان جي سمورين پاليسين جو محور ڪمزور طبقن جي بحالي آهي تنهن هوندي به ان سان گڏوگڏ اسان جي نظريي جو هڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ گهرجي.