اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جو اقتدار سنهري دور هو پر افسوس ته نوجوان نسل کي ان جي باري ۾ خبر ناهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان سنهري دور تي فلم ۽ ڊر??مو ٺاهي پروپيگنڊا ڪندڙن جي ارادن کي ناڪام بڻايو وڃي، پاڪستاني ڊر??ما 80ع جي ڏهاڪي تائين پوري دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هئا، پاڪستاني فلم ۽ ڊر??ما انڊسٽري کي مقامي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اولهه کان متاثر نوجوان نسل کي پنهنجي اصل ثقافت ک??ن آگاهي ??ئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمال تيڪدين جي قيادت ۾ مشهور ترڪ ڊر??ما سيريل ارتغرل جي باني ٽيم سان ڳال??ائ??ندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.