پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته حڪومت خصوصي ماڻه?? جي ڀ??ائ?? ۽ معاشري ۾ انه?? جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پيشيوراڻي تربيت ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي ??هي. خصوصي ماڻه?? جي حق ايڪٽ 2020ع سان کين قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گورنر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻه?? جي ڀ??ائ?? بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر، صحت واري عالمي اداري جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي خصوصي ماڻه?? جي ڀ??ائ?? ۽ ترقي ۽ پاڪستان ۾ معذوري جي اڀرندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان يو??يو??سل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو ??هي. صدر چيو ته معذور ماڻه?? جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي، هن چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، ع??ائ??ائي ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي رهي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، صدر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان خصوصي ماڻهن لاءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، خصوصي ماڻه?? جي حق ايڪٽ 2020ع سان خصوصي ماڻهن کي قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.