اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منظور ٿيل هائوسنگ سوسائٽين ۽ غير منظور ٿيل سوسائٽين جو سمورو ڊيٽا لاڳاپيل ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي ويب سائيٽس تي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ صوبائي سطح تي سينٽرل ڊيٽا بئنڪ جوڙيو وڃي ته جيئن هي انهن منصوبن جي سمورا تفصيل هر پاڪستاني ۽ خاص طور تي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ميسر هجن. هن اهڙ?? خيالن جو اظهار هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين جي فروغ ۽ صوبائي حڪومتن پاران منظورين جي عمل ۾ تيزي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻ??ايو ته هن وقت ت??ئين 87.03 ملين مربع ??وٽ تي تعميرات جي حوالي سان درخواستون ملي چڪيون آهن. ان ۾ لاهور 38 سيڪڙو، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن 22 سيڪڙو، راولپنڊي 18 سيڪڙو، فيصل آباد 11 سيڪڙو، ملتان 10 سيڪڙو شامل آهن. اجلاس کي ٻ??ايو ويو ته 29 ڊسمبر تائين 62.33 ملين مربع ??وٽ تعيمرات جون درخواستون مليون هيون، هن وقت اهو تعداد 87.03 ملين مربع ??وٽ تائين پهچي ويو آهي. اجلاس کي ٻ??ايو ويو ته پنجاب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ تعيمراتي سرگرميون واقع ٿي رهيون آهن. اجلاس کي ٻ??ايو ويو ته هن وقت ت??ئين 41.07 ملين مربع ??وٽ تعميرات جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. 29 ڊسمبر تائين ڏنل منظورين جو رقبو 30 ملين مربع ??وٽ هو، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻ??ايو ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان هن وقت ت??ئين پورٽل تي ڪل 17692 درخواستون مليون آهن جنهن مان 11349 منظور ٿي چڪيون آهن، هن ٻڌايو ته منظور ٿيندڙ ۽ منظوري جي عمل ۾ منصوبن ۾ س??ڙپڪاري جو ڪل ڪاٿو 353.43 ارب روپيا آهي، ان 353.43 ارب روپين جي سيڙپڪاري مان 1767.15 ارب جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون ۽ 315678 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.