اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت غريب طبقي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سياسي مافياز، ڪارٽيلز ۽ ڪر??ٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سڀئي اسان جي خلاف بيٺل آهن پر اها جنگ اسان کٽينداسين ۽ هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪنداسين ۽ انصاف جو نظام آڻينداسين، پي ٽي آءِ پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ناهن کنيا، پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، آبادگار خوشحال ٿيا آهن، تعميرات جو شعبو تيزي سان ترقي ڪر?? رهيو آهي، رڳو سياحت کي صحيح ڪر?? اسان پنهنجا قرض واپس ڪر?? سگهون ٿا، گذريل 10 سالن ۾ ٻن پارٽين جي ڪر?? پاڪستان جا قرض چار ڀيرا وڌي ويا، چونڊ سڌارا آڻينداسين ته جيئن اڳتي ڪير ڌانڌلي جو الزام نه هڻي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سياست ۾ هڪ مقصد تحت وجود ۾ آئي هئي، اسان سمجهندا هئاسين ته ڪر??شن هن ملڪ کي تباهه ڪر?? رهي آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي ڪر??شن کي قومي ايشو طور سامهون آندو. وزيراعظم چيو ته قومون جنگين ۽ وسيلن جي کوٽ سان تباهه نه ٿيون ٿين پر ڪر??شن سان تباهه ٿين ٿيون ۽ ڪر??شن به اها نه جيڪا تپيدار، ٿاڻيدار ۽ هيٺيون طبقو ڪر?? ٿو پر جڏهن حڪمران ڪر??شن ڪن ٿا ته قوم مقروض ٿي تباهه ٿي وڃي ٿي. سموري اسرندڙ دنيا جي اها ئي ڪهاڻي آهي، ڪر??ٽ حڪمران ملڪ جو پئسو م??ي لانڊرنگ ذريعي چوري ڪر?? ٻاهر کڻي وڃن ٿا، اسان طاقتور ۽ ڪر??ٽ ماڻهن کي قانون جي هيٺ آڻڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ ٺاهي.