مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهمن?? ڊيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي جاري ڪم جو جائزو ورتو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جرل (ر) مزمل حسين منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي س??ن وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. مهمن?? ڊيم جو سنگ بنياد وزيراعظم عمران خان 2 مئي 2019ع ۾ رکيو هو، مهمن?? ڊيم درياءُ سوات تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ تعمير ڪيو پي?? وڃي، اهو گهڻ مقصد منصوبو ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت ۽ شهري ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ، سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. ٽي سئو نو ارب ک??ن وڌيڪ (309.6) ارب روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ مهمن?? ڊيم جي اونچائي 213 ميٽر هوندي جنهن ۾ 1.293 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي ۽ 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.