اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته اجهو، لٽو ۽ ڳڀو جي نعري جي آڙ ۾ زرداري ملڪي دولت لُٽي مني لانڊرنگ ڪئي جعلي اڪائونٽس ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ سري محل ٺاهيا، سنڌ ۾ ٽيون ڀيرو پيپلزپارٽي جي حڪومت آه?? سواءِ غربت، ڪرپشن ۽ لُٽ مار کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو. سنڌ ۾ غربت جي ڪري وفاقي حڪ??مت پاران احساس ايمرجنسي ڪيش جي سڀ کان وڌيڪ 57 ارب 13 ڪروڙ 39 لک 96 هزار سنڌ ۾ ورهايا ويا، جيڪي مجموعي فنڊن جو 35 سيڪڙو آه??، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چي?? ته بلاول ڀٽو زرداري ٻڌائي سنڌ جي عوام کي مفت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ڏئي رهيو آه??، پرچي چيئرمين سچ ٻڌائي ڇا ڪڻڪ خريداري جي امدادي قيمت 1400 کان وڌائي 2000 هزار روپيا في مڻ ڪرڻ جو اثر اٽي ??ي قيمتن تي نه ايندو؟ هن چي?? ته 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪ??مت ۾ فصلن جي گروٿ سراسري 1.25 جڏهن ته آبادي جي گروٿ 2 سيڪڙو هئي، توهان جي ڪري ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيا، هن چي?? ته عمران خان ??ي قيادت ۾ حڪ??مت غذائي تحفظ جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آه??، پرچي چيئرمين واڳون وارا ڳوڙها نه وهائي پر سنڌ ۾ ذخيرو اندوز مافيا جي خلاف ايڪشن کڻي.