ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايئرپورٽ روڊ ڪوئيٽا تي عوامي اسپورٽس ڪمپليڪس جو دورو ڪيو. بلوچستان جي اسپورٽس واري س??ڪريٽري عمران گچڪي پراجيڪٽ تي تفيصلي بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ قائم فٽبال ڪورٽ، جوگنگ ٽريڪ، فٽنيس جيم، اسڪوائش ڪورٽ ۽ ٻين سيڪشن جو به دورو ڪيو، بريفنگ دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته ??نصوبي جي تعمير جنوري 2020ع ۾ شروع ٿي ۽ ڊسمبر ۾ مڪمل ٿي، اسپورٽس ڪمپليڪس پراجيڪٽ کي 171 ملين روپين س??ن مڪمل ڪيو ويو آهي. صدر منصوبي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ر – م/ش – چ 13:46