ڪراچي- 19 آڪٽوبر ( اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 12 ربيع الاول جي موقعي تي پن??نجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ منهنجي آقا سرور قونين حضرت محمد ص??ي الله عليهه وسلم جو يوم ولادت آه?? اڄوڪو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ حضرت محمد ص??ي الله عليهه وسلم کي هن دنيا ۾ رحمت للعالمين بڻائي موڪليو اسان کي پن??نجي آقا جي تعظيم سان گڏو گڏ سندن تعليمات کي به غور سان ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ان تي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
حضور جن جي تعليمات ئ?? اڄوڪي ڏينهن جو سڀ کان وڏو فلسفو آهي. اسان کي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پن??نجي نبي ڪريم ص??ي الله عليهه وسلم جي ڏيکاريل رستي تي هلڻو آهي. هن چيو ته منهنجي نبي جي زندگي ۾ انهن جو کائڻ پيئڻ ، اٿڻ ويهڻ ، انهن جي سياست ، انهن جون جنگيون ، انهن جي منصوبه بندي ، رياست مدينه جو قيام ۽ رياست مدينه جي ماڻهن سان سلوڪ انهن سمورن روين جو نالو ئي ا??لام آهي. اسان سڀ اڄ عهد ڪيون ته جيڪو رستو منهنجي نبي ڏيکاريو ان رستي تي هلي فلاح جي رستي تي وڃون.