اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصور پاڪستان علامه محمد اق??ال جي ولادت جي ڏهاڙي تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ عملي قدمن ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو، علامه اق??ال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ جي لا??ِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ڀارت ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ ۽ معتصباڻي سلوڪ ذريعي پنهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ جي لا??ِ علم ??اصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. هو بحريه يونيورسٽي ۾ علامه اق??ال جي ولادت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد ٻي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر وليد اقبال، بحريه يونيورسٽي جي ريڪٽر وائ??س ايڊمرل ڪليم شوڪت، رفاه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ان??س احمد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عادل مسعود پڻ خطاب ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ مصور پاڪستان علامه محمد اق??ال کي سندس ولادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس شخصيت جي اهم رخن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته علامه اق??ال مسلمان امت جي نشاته ٿانيه جو تمام وڏو داعي هو، هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ پيغامن ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ آزادي جي حوالي سان جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو. صدر چيو ته اق??ال جا تصور ۽ تخليقون ارتقا پذير رهيون، هو شروع ۾ متحده هندستان جو قائل هو پر بعد ۾ مسلمانن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو ادراڪ ٿيڻ ي هن جدا رياست جو تصور پيش ڪيو. هن چيو ته ان صورتحال ۾ علامه اق??ال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ جي لا??ِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. صدر چيو ته هندستان ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ ۽ معتصباڻي سلوڪ ذريعي پنهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، پنهنجي متعصباڻي سوچ ۽ ظلمن هو پاڻ کي باهه لڳائي رهيو آهي. هنچ يو ته نئون دور علم ??ي حوالي سان تمام تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، ان لاءِ اڳتي وڌڻ جي لا??ِ علم ??اصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي.