اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي س??اس??ي طور ??هتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وز??راعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري طرح متاثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله س??اس??ي طور ??ي بهتر رهيو آهي. وز??راعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت بابت ڪج??ه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو. مزمل اسلم فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 1.9 سيڪڙو، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 سيڪڙو، کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ ڊيري مصنوعات جي قيمتن ۾ 2.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مزمل اسلم چيو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجحان جي باوجود آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ 17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن سال ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار 22 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي.