اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانون?? هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آن??ي وڃي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هروڀرو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اينڊ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي ج?? باري ۾ جائزه اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول دوست مٽيريل جو استعمال ڪيو وڃي، گرين اربنا??زي??ن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهرين جي سهولت ۽ معاشي ترقي لاءِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري ج?? قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بناجواز آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانون?? هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آن??ي وڃي، ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ سئو ارب روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي.