اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طارق علي بخيت او آءِ سي پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام جي ڀرپور مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستا?? جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪ?? جي پرڏيهي وزير?? جي غير معمولي ڪانفرنس ا??غانستان ۾ انساني بحران مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رکندڙ هوندي، ان ڏس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران افغانستا?? جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب جي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪانفرنس گهرائڻ جي قدم?? جي آجيان ڪريون ٿا، هن پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ڪانفرنس جا ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستا?? جي موجوده صورتحال ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿي، اهو ڪانفرنس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ڪانفرنس ا?? ڏس ۾ اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ ان انساني بحرا?? جي حل لاءِ جامع ۽ ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي افغانستا?? جي صورتحال جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ڪانفرنس طلب ڪئي وئي آهي، ان ڪانفرنس ۾ ميمبرن ملڪ?? جي پرڏيهي وزير?? جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته او آءِ سي افغانستا?? جي ان نازڪ صورتحال جي حوالي سان گهڻي سنجيده ۽ پرعزم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس ا??غان عوام جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ او آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.