اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم جي ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي عمل پيرا ٿي اسان پ??ڪس??ان کي مضبوط ۽ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا، ٻار اسان جي مستقبل جي قيادت آهن، انهن کي سدائين سچ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، والدين ۽ استادن جي عزت ڪرڻ، ٻين مذهبن جي ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۽ خصوصي ٻارن سان مح??ت جي نصيحت ڪريون ٿا، پ??ڪس??ان جي خانداني نظام جي مضبوطي اسان جي ملڪ جو خوبصورت ٿنڀ آهي، اسان کي ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان ايوان صدر ۾ قائد ۽ ٻار جي عنوان سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻارن خوبصورت ملي نغما پيش ڪيا جن ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هونهار ٻارن قائد جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ان جي تاريخي ڪارنامن کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي جڏهن ته صدر ۽ خاتون اول ٻارن سان گڏجي قائداعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ڊاڪٽر عارف علوي قائد جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هر سال 25 ڊسمبر تي ايوان صدر ۾ اها تقريب منعقد ڪئي وڃي ٿي، اڄ ٻارن سان هت?? هو هن تقريب ۾ ڀرپور لطف اندوز ٿيو، ٻارن پنهنجي تقريرن ۾ ڀرپور انداز ۾ پ??ڪس??ان قائم ٿيڻ ۽ قائد جي جدوجهد کي اجاگر ڪيو جڏهن ته انهن جي معصوماڻي ڳالهه ٻولهه سان اسان کي اهو تصور مليو ته آزادي ڪيتري وڏي نعمت آهي، ماڻهو ان جي لاءِ سوين سال جدوجهد ۽ مصيبتون برداشت ڪن ٿا. صدر چيو ته آزادي سڀ کان قيمتي شيءَ آهي، هي ٻار اسان جي مستقبل جي قيادت آهن، انهن جي عمر کيڏڻ جي آهي، قائداعظ?? هڪ سٺو رانديگر هو پر سندس والده کيس اها نصيحت ڪندي هئي ته جيڪڏهن پڙهندي لکندي ته وڏو ماڻهو ٿيندين، قائداعظم کي ٻارن سان تمام گهڻي مح??ت هئي، ٻار کيس خط لکندا هئا جن جو جواب هو پنهنجي صحيحن سان ڏيندو هو جڏهن ته آزادي جي تحريڪ ۾ ٻار کيس چندو به ڏيندا هئا. صدر چيو ته قائداعظم سدائين پنهنجي ڀيڻ کي هر محفل ۾ گڏ رکندو هو، سندس اهو قد?? هڪ مڪمل خاندان جي عڪاسي هئي. هن چيو ته محنت سان منزل نظم ۽ ضبط حاصل ٿئي ٿو، اتحاد سان اسان وڏي طاقت بڻجي سگهون ٿا، سدائين سچ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، هڪ ٻئي سان سچ ڳالهائڻو آهي اها ئي نصيحت اسان جي پيغمبر ﷺ جي هئي جڏهن ته قائداعظم به سچ ڳالهائڻ ۽ محنت جي ضرورت تي زور ڏنو، پ??ڪس??ان ۾ جيڪڏهن اهي هڪ ٻه شيون اچي وڃن ته پ??ڪس??ان مضبوط تر ملڪ بڻجندو. هن ٻارن کي نصيحت ڪئي ته امانت ۾ خيانت نه ڪريو، ماءُ پيءُ ۽ استادن جي سدائين عزت ڪريو، راند سان جسماني طاقت نظم ۽ ضبط ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو اها به ضروري آهي، وڏن جي عزت ڪريو جيڪا پ??ڪس??ان جي خوبصورتي آهي ٻين مذهبن جي ماڻهن سان به سٺو سلوڪ ڪريو، خصوصي ٻارن سان مح??ت ڪريو. هن چيو ته اسان جو خانداني نظام اسان جي معاشري جو خوبصورت ٿنڀ آهي، ان کي مضبوطي سان پڪڙڻو آهي، ننڍن وڏن جو خيال رکڻو آهي، اهو ئي پ??ڪس??ان جي ثقافت جو به حصو آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي مضبوطي ۽ ترقي اسان جو خواب آهي، قائداعظ?? هڪ ڀيرو هڪ ٻار کان پڇيو ته توهان کي وڏو ٿي ڇا بڻجڻو آهي ته هن چيو ته آئون قائداعظم بڻجندس جنهن تي باباءِ قوم چيو هو ته پ??ڪس??ان کي هڪ ٻئي جناح جي ضرورت آهي. هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ان دعا سان ڪئي ته جيستائين آهي هي دنيا باقي اسان ڏسون آباد توکي، سوهڻي ڌرتي الله رکي قدم قدم آباد توکي.