اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان هر ڳالهه تي ٺاهه ڪري سگهون ٿا پر ڪرپشن تي ڪنهن به ??ورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي ابتڙ آهي، اي?? اي ٽي اي?? قانونسازي نه ٿئي ها ته ملڪ بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي ها، رپئي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ها ته مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ها، موٽروي جهڙي سانحي ج?? روڪٿام ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪنداسين، پي اي?? ڊي سي بل جي منظوري سان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جو معيار عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان سڀ کان اڳ پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين کي خراج تحس??ن پيش ڪيو.