اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو بڻايو، هن شخص ماڻهن کي هاءِ ڪو??ٽ تي حملي جي لاءِ اتساهيو، عمران خان کي ملندڙ مهلت ٻين جوابدارن کي ڇو نه آهي؟ عدليه جو مذاق اڏائڻ وارو جاچ ادارن سان ڪهڙو تعاون ڪندو؟ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عوام ٽي وي اسڪرينز تي پا??ست??ن جي آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو ڏسي رهي آهي ته هڪ شخص جنهن کي عدالت گهرائي رهي آهي هو عدالت اچڻ ??ان انڪاري آهي، هي شخص پا??ست??ن جي هر عدالت ۾ گهربل آهي جيڪو ڪڏهن ايمبولينس گهري ٿو ۽ ڪڏهن وهيل چيئر، ڪڏهن مهلت، هي شخص ڏوهاري آهي جنهن جي ضمانت جي پٽيشن تي ان جون پنهنجون صحيحون نه آهن ۽ هي ڏوهاري عدالت تي حملي آور آهي. هن چيو ته جيڪا سهولت عمران خان کي فراهم ڪئي پئي وڃي ڇا اها پا??ست??ن جي 22 ڪروڙ عوام کي به حاصل آهي؟ هن چيو ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته عمران نيازي زمان پارڪ کان عدالت نه ٿو اچي سگهي ۽ ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته هو گاڏي مان نڪري جي آڏو ??يش نه ٿو ٿي سگهي، جج صاحب پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان صاحب وٽ موڪلي صحيحن جي تصديق ڪرائي وٺي. هن چيو ته ڇا اها سهولت عدالت پا??ست??ن جي 22 ڪروڙ عوام کي به فراهم ڪندي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سوشل ميڊيا تي ڪال ڏني ته هاءِ ڪو??ٽ تي حملو ڪريو، هن کي سيشن ڪو??ٽ گهرائي ته گار ۽ ڌمڪي ڏي ٿو. هن چيو ته اڄ جيل ڀريو تحريڪ جا نعرا هڻندڙ جعلي صحيحن جي ذريعي عدالت کان بيل وٺڻ آيو آهي، جڏهن عدالت عمران خان کي طلب ڪري ٿي ته هو چوي ٿو ته آئون ڪو نه ايندس، جڏهن عمران خان کي مهلت ڏني وڃي ٿي ته هي پا??ست??ن جي عوام کي عدالت تي حملي لاءِ اتساهي ٿو ته هلو هلو لاهور هاءِ ڪو??ٽ هلو، اهو قانون ۽ عدالتي نظام جو تماشو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي پنهنجي حڪومت ۾ کيس جڏهن نيب جي عدالت ۾ گهرايو ويندو هو ته ڪنهن وزير کي نيب جي عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي، احسن اقبال صاحب کي ٻاهر روڪيو ويندو هو جيڪو ان وقت گهرو وزير هو. هن چيو ته عمران خان عدالت جي احاطي ۾ ماڻهن کي عدالت تي حملي جي ڪال ڏني، عمران خان جي وڪيل جج صاحب کي چيو ته توهان عمران خان وٽ ماڻهو موڪليو ۽ صحيحون وٺي ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته سڀاڻي صبح جن جي پٽيشنون آهن، اهي پاڻ سان گڏ ماڻهو وٺي اچن ته انهن کي به عمران خان واري سهولت فراهم هوندي؟ انهن جي لاءِ به خاص عدالت لڳندي؟ هن چيو ته جيڪو شخص عدالت آڏو ??يش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو ??يش ٿيندو؟ ايف آءِ اي چئي رهي آهي ته اسان کي هن ماڻهو کان جاچ ڪرڻي آهي، جيڪو ڪو??ٽ جي نه ٿو ٻڌي اهو ايف آءِ اي آڏو جاچ جي لاءِ ??يش ٿيندو؟ عدالت عمران خان جي گرفتاري جو آرڊر ڇو نه ٿي ڏي؟ هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي ايف آءِ اي، نيب، سپريم ڪو??ٽ ۽ هاءِ ڪو??ٽ ۾ گهربل آهن، انهن سڀني کي به اها سهولت فراهم ڪئي وڃي جيڪا عمران خان کي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم هو، هن ڪلثوم نواز جي بيماري دوران ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي جيڪا کيس نه ڏني وئي ۽ هو اڳئين ڏينهن ٻيهر عدالت ۾ ??يش ٿيو جڏهن ته هُن ڄاتو ٿي ته هي ڪوڙو ۽ سياسي انتقام جو ڪيس آهي پر هن عدالت جو مذاق نه اڏايو، جي آءِ ٽي ۾ به ??يش ٿيو ۽ عدالت ۾ به ??يش ٿيو. هن چيو ته شهباز شريف مُخالف ڌُر اڳواڻ هو، ٻه ڀيرا کيس گرفتار ڪيو ويو، هر ڏينهن هو عدالت ۾ ??يش ٿيندو هو، هن عدالتي نظام جو مذاق نه اڏايو. هن چيو ته عمران خان صدر پا??ست??ن جي آفيس کي به سياسي اکاڙو بڻائي رکيو آهي، جيڪو شخص اڄ چئي رهيو آهي ته آمريڪي سازش نه ٿي هئي، ان شخص صدر کي آمريڪي سازش جو چئي پارليامينٽ ٽوڙڻ جو چيو، عمران خان چاهي ٿو ته صدر چيف اليڪشن ڪمشنر به بڻجي وڃي، هاءِ ڪو??ٽ ۽ سپريم ڪو??ٽ به. هن چيو ته جيڪو عدالت ?? قانون جي ڳالهه نه ٿو مڃي اهو لاڏلو آهي ۽ ان کي اها سهولت ڇو ميسر آهي؟ هن چيو ته اڄ پا??ست??ن جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ ڏوهاري کي بار بار آواز ڏنا پيا وڃن، ان جي لاءِ بار بار ڪارروائي ملتوي ڪئي پئي وڃي پر هو عدالت ۾ ??يش ٿيڻ کان انڪار ڪندو رهيو. هي شخص ماڻهن کي هاءِ ڪو??ٽ تي حملي آور ٿيڻ جي لاءِ اتساهي رهيو آهي. هن چيو ته هن شخص جيل ڀريو تحريڪ سان جيل ڀرڻي هئي هو گاڏي مان لهي جج صاحب آڏو ??يش نه ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ان جو وڪيل عدالت کي چئي رهيو آهي ته هو پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان وٽ گاڏي ۾ موڪلي صحيحون ڪرائي وٺي ڇو ته ان سان گڏ ماڻهو وڌيڪ آهن هو عدالت ۾ ??يش نه ٿو ٿي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي اقتدار دوران رياستي طاقت کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، اڄ هو هن ملڪ جي قانون ۽ آئين جو تماشو بڻائي رهيو آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته عمران خان جي بدنيتي مان ثابت ٿئي ٿو ته هو جاچ ۾ شامل نه ٿيندو، ڏوهاري جو ڪنڊڪٽ ثابت ڪري ٿو ته جيڪو عدالت آڏو ??يش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو به ??يش نه ٿيندو.