اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ڪاروبار، صنعتن ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ اسٽيٽ بئنڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ڪرنٽ اڪائ??نٽ خساري جي صورتحال بهتر آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان ??ي قرضن جو پروفائيل بهتر ٿيو آهي. هن اها ڳالهه ايف پي سي سي آءِ جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته اسان ??و تجزيو آهي ته 2025ع جي آخر تائين مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو جي م??تح??م سطح تي اچي ويندي. ان ??ان مجموعي معيشت کي فائدو پهچندو، ميڊيم ٽرم هدفن کي حاصل ڪرڻ سان ??اقي معاملا پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندا. هن چيو ته صنعتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان ??ي اولين ترجيح آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ضروري آهي. 2023ع ۾ مشڪلاتن سبب ڪاروباري برادري کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو پر مشڪل حالتن با??جود اسان ??ون صنعتون هلنديون رهيون ۽ ان ??ي نتيجي ۾ اڄ اسان معيشت کي مڪمل طور تي هلائڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ڪرنٽ اڪائ??نٽ کاتن جي صورتحال بهتر آهي، ان ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار جو وڏو ڪردار آهي. روانگي واپار ۾ جيتوڻيڪ اضافو ٿيو آهي تنهن هوندي به اهو اسان ??ي اميدن جي موجب ناهي ۽ ان ۾ وڌيڪ گنجائش موجود آهي. جيستائين اسان ??ي روانگي واپار ۾ چڱو خاصو اضافو نٿو ٿئي ان وقت تائين ڪرنٽ اڪائ??نٽ جي کاتن ۽ ادائيگين ۾ توازن جا مسئلا موجود رهندا. هن چيو ته ??ٽاسٽا جي ناڻي جو شعبو بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، هن وقت مٽاسٽا ناڻي جي ماهوار سراسري 3 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، ان ??و سب اسان ??ا ڪرنٽ اڪائ??نٽ کاتا سٺي پوزيشن ۾ آهن، اسان کي اميد آهي ۽ اسان ??و هدف آهي ته ??الي سال جي پڄاڻي تي گهٽ کان گهٽ 35 ارب ڊالرن جي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ڪري سگهجي. هن وقت ڪرنٽ اڪائ??نٽ جا کاتا فاضل آهن، اسان ??ي ڪوشش آهي ته اها صورتحال برقرار رهي.