اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا ادارا مڪمل طور تي تيار آهن، سم??ري?? زميني رستن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، سڀني کي ??ڏجي عوام کي تحفظ فراهم ڪ??ڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هيستائين 7 لک 60 هزار کان وڌيڪ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت ?? ايمرجنسي ڪور گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ هيلٿ واري وفاقي سيڪريٽري سيد توقير حسين شاهه، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اين آءِ ايڇ، پاڪ فوج جو نمائندو ۽ ٻيا شامل هئا، اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قدمن ??و جائزو ورتو ويو.