اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان س??ني?? جو اجلاس 5 آگسٽ اربع ڏينهن صبح ساڍا ڏهين وڳي طلب ڪي?? آهي. س??ني?? جي خصوصي اجلاس دوران ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پارليامينٽ ۽ عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي آواز ا??ارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کانسواءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن جي خلاف پڻ آواز ا??اريو ويندو. ان موقعي تي عالمي برادري تي زور ڏنو ويندو ته اها ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلم بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري. س??ني?? جو اهو خاص اجلاس ڪشمير جي حوالي سان هڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران س??ني?? ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ بحث ۾ حصو وٺندا. اهو اجلاس ان حوالي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا ويندا. اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ جي لاءِ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن ??ي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي.