اسلامي ترقياتي بئنڪ جنيوا ڪانفرنس ۾ 9 ارب ڊالر جي اعلانن مان 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر سان گڏ سڀ کان وڏي حصيدار آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامي ترقياتي بئنڪ جنيوا ڪانفرنس ۾ 9 ارب ڊالر جي اعلانن مان 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر سان گڏ سڀ کان وڏي حصيدار آهي جنهن تي بئنڪ جي بورڊ ۽ ميمبر ملڪن جا ٿورائتا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ 9 ارب ڊالر جي اعلانن مان سڀ کان وڏي حصيدار آهي، اسان بئنڪ جي بورڊ ۽ ميمبر ملڪن جي 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي اعلان تي ٿورائتا آهيون جيڪي اسان جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ اهم مددگار ٿيندا.

مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania
متعلقہ مضامین
مزید خبریں