وزيراعظم کي پشاور پوليس لائينز مسجد ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني ويندي: وزيراعظم آفيس

image

اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي پشاور پوليس لائينز مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي سمورن رخن تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت پڻ ڪندو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله وزيراعظم سان گڏ آهن.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں